مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار پگهار جي معاملي تي سعيد غني وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ ۾ افرادي قوت ۽ محنت کاتي جي وزير سعيد غني چيو آهي ته جتي 25 هزار پگهار نه پئي ملي، اسان کي ٻڌايو ايڪشن وٺنداسين. سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران نصرت سحر عباسي پورهيت جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25 هزار مقرر ڪرڻ جو معاملو اٿاريندي چيو ته وڏي وزير گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25 هزار رپيا مقرر ڪئي آهي، پر اها نه پئي ملي، ڇا سڄي صوبي ۾ 25 هزار پگهار ملي رهي آهي؟ صوبائي وزير سعيد غني جواب ڏيندي چيو ته گهٽ ۾ گهٽ پگهار بابت اسان ٽي وي تي مهم هلائينداسين، جتي 25 هزار پگهار نه پئي ملي، اسان کي ٻڌايو ايڪشن وٺنداسين. هن چيو ته مهانگائي سبب پورهيت جو گذارو ڏکيو ٿي ويو آهي، ورڪرز لاءِ بينظير مزدور ڪارڊ جاري ڪري رهيا آهيون، ان ڪارڊ ذريعي ورڪرز کي سڀ سهولتون ملنديون.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو