مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪورونا وبا سبب هڪ سئو ويهه ڄڻا فوت،ايڪيتاليهه سئو نو نوان ڪيس رپورٽ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسلام آباد: ڪورونا وبا جي ڪري وڌيڪ 120 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 4 هزار کان وڌيڪ ڪيسز رپورٽ ٿيا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 هزار 103 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کانپوءِ مجموعي ٽيسٽن جو انگ 12،149،93 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ ۾ وڌيڪ 4 هزار 109 مثبر ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، اهڙيءَ طرح پاڪستان ۾ تصديق ٿيل مريضن جو انگ 854،240 ٿي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت تائين سنڌ ۾ 2 لک 90 هزار 756، پنجاب ۾ 3 لک 16 هزار 334، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 23 هزار 150، اسلام آباد ۾ 77 هزار 684،بلوچستان ۾ 23 هزار 186، آزاد ڪشمير ۾ 17 هزار 763 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 967 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو