مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪورونا تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو: اسد عمر

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته هن وقت اهو ضروري ٿي ويو آهي ته اسان سڀ وبا جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪريون. رپورٽ موجب وفاقي وزير اسد عمر سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سمورو خطو هن وقت ڪورونا جي شديد لهر جي لپيٽ ۾ آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته هن وقت انتهائي ضروري آهي ته اسان سڀ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪريون. هن چيو ته اسان سڀني کي ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته ماسڪ جو استعمال ڪريو ۽ ميڙ وارين جڳهين تي وڃڻ کان پاسو ڪريو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو