مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ٿي ويو، شهباز شريف کي گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار اجرت جو اسان چيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ٿي ويو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ گذريل 4، 5 ڏينهن کان لوڊشيڊنگ وڌي وئي هئي، منهنجي ڪي اليڪٽرڪ ايم ڊي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هن ڪارڻ ٻڌايا، وفاقي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ جيڪو مسئلو هو، اهو حل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايم ڊي مون کي ٻڌايو ته هاڻ مڪمل بجلي ملي رهي آهي، سواءِ انهن علائقن جي، جتي بلن جي ادائگي مڪمل ناهي، ان کانسواءِ ڪٿي بجلي نه ويندي. سندس موجب مان وزيراعظم کي درخواست ڪئي هئي ته ٻهراڙين ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ڪيو وڃي، هن مون کي سبب ٻڌايو ته اڳوڻي حڪومت ٻارڻ ئي خريد نه ڪيو، مان وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته سنڌ حڪومت توهان سان هر ممڪن سهڪار ڪندي ته جيئن ماڻهن کي رليف ڏيئي سگهجي. اسان گهٽ کان گهٽ پگهار 25 هزار مقرر ڪئي، جنهن ڏينهن شهباز شريف وزيراعظم ٿيو ته اسان کيس تجويز ڏني ته گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25 هزار رپيا ڪيو، شهباز شريف جو ٿورائتو آهيان جو هن منهنجي تجويز تي عمل ڪيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو