مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي ۾ سنڌ يونيورسٽي جو پروفيسر قتل

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي ھڪ ڀيرو ٻيھر ٽارگيٽ ڪلنگ شروع، گلشن معمار سيڪٽر ايس ويجهو غريب نواز پاڙي ۾ محمدي مسجد ۾ ميلاد جي محفل ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف لينگويجز جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر حافظ زين العابدين سوڍر کي موٽر سائيڪل سوار ھٿاربندن افغاني پٺاڻ اسد ولد نامعلوم ۽ سراج ولد سرور پٺاڻ گوليون ھڻي کيس ٿڏي تي ماري ڇڏيو. جڏهن ته علائقي واسين ٻن جوابدارن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو. ميڊيا سان ڳالھائيندي فوتي زين العابدين جي وارثن محمد حسن سوڍر ۽ محمد اعظم سوڍر چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي ھٿياربندن بغير ڪنهن جواز جي اسان جي ھمراھ کي گوليون ھڻي قتل ڪيو آهي. جڏهن ته متاثر ڌر سپر سائيڊ ٿاڻي جي ٻاهران ڌرڻو ھڻي ويھي رهي، ٿاڻي تي مقرر ايس ايڇ او امام بخش لاشاري ٿاڻي تي ھجڻ باوجود ٿاڻي مان نڪري ھليو ويو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو