مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

کنڊ اسڪينڊل تي جهانگير ترين جا خدشا: وزيراعظم جي هدايتن تي جاچ مڪمل

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ايڊووڪيٽ علي ظفر کنڊ اسڪينڊل ۾ نامزد تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين جي خلاف ڌرين کان جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي. رپورٽ موجب تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ کنڊ اسڪينڊل ۾ نامزد جوابدار جهانگير خان ترين جي خلاف وزيراعظم عمران خان جي مقرر ڪيل سينيٽر ايڊووڪيٽ علي ظفر ڌرين کان جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب ايڊووڪيٽ علي ظفر طرفان وزيراعظم کي  رپورٽ پيش ڪرڻ جي لاءِ سفارشون لکڻ جو ڪم جاري آهي ۽ علي ظفر ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ جون سفارشون مڪمل ڪري وٺندو. جڏهن ته وزيراعظم کي هن هفتي جي آخر يا ايندڙ هفتي جي شروع ۾ رپورٽ پيش ڪئي ويندي. ذريعن ٻڌايو آهي ته ايڊووڪيٽ علي ظفر ترين گروپ جي وڪيلن ۽ ٻين شخصيتن سان ملاقاتون ڪري موقف معلوم ڪيو. ايف آءِ اي ۽ ٻين حڪومتي ادارن جي آفيسرن کان به انٽرويو  جون حقيقتون ورتيون. واضح رهي ته وزيراعظم ترين گروپ سان ملاقات کانپوءِ سينيٽر علي ظفر ايڊووڪيٽ کي غير جانبدارانه رپورٽ پيش ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو هو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو