مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڀارت فالس فليگ آپريشن جي غلطي ڪئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: وزيراعظم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئون عالمي برادري تي واضح ڪريان ٿو ته جيڪڏهن ڀارت فليگ آپريشن ڪيو ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خبردار ڪيو آهي ته ڀارت فالس فليگ آپريشن جهڙي ڪا به غلطي نه ڪري. هن لائين آف ڪنٽرول (ايل او سي) تي گڏيل قومن (يو اين) مبصر گروپ جي گاڏي تي فائرنگ جي شديد مذمت ڪندي چيو ته ڀارت پاران اهڙو قدم عالمي قانون جي مڪمل خلاف ورزي آهي. هن جو چوڻ هو ته ڀارتي قدم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جو احترام نه ڪرڻ کي ظاهر ڪري ٿو ۽ پاڪستان ڀارت جي اهڙي جارحاڻي رويي جي شديد مذمت ڪري ٿو. هن جو چوڻ هو ته هن سال ڀارت ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري جون 3 هزار خلاف ورزيون ڪري چڪو آهي، ڀارت ڄاڻي واڻي شهرين کي نشانو بڻايو آهي.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو