مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پيپلز پارٽي ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بل کي رد ڪري ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پيپلز پارٽي پاڪستان ميڊيا ڊويلپمينٽ اٿارٽي آرڊيننس 2021 کي رد ڪري ڇڏيو. پ پ جي نائب صدر شيري رحمان ميڊيا آرڊيننس بابت چيو ته حڪومت آرڊيننس جي ذريعي ميڊيا تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ميڊيا تي پابندي مذمت جوڳو عمل آهي. ان جي ڀرپور مخالفت ڪنداسين. هن چيو ته جرنلسٽ پروٽيڪشن بل پاس ٿيڻ کانپوءِ آرڊيننس جي تياري حڪومت جو ٻٽو معيار آهي جڏهن ته عالمي ادارن تي به ملڪ ۾ سينسرشپ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. پ پ اڳواڻ چيو ته رپورٽ موجب پاڪستان صحافين جي لاءِ دنيا جو 5 خطرناڪ ملڪ آهي ۽ فريڊم نيٽ ورڪ پاڪستان موجب هڪ سال ۾ صحافين تي 148 حملا ٿيا. هن چيو ته اسلام آباد ۾ صحافين جي خلاف سڀني کان وڌيڪ حملا ٿي رهيا آهن ۽ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان 2 سالن ۾ 139 کان 145 نمبر تي اچي ويو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو