مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پي ڊي ايم تحريڪ پنهنجي پاڻ ۾ اختلافن سبب ختم ٿي ويندي: وزيراعظم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم تحريڪ پنهنجي پاڻ ۾ اختلافن سبب ختم ٿي ويندي، استعيفيٰ ڏيڻ وارا هاڻ استعيفائن کان ڀڄي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان حڪومتي ۽ پارٽي ترجمانن جي اجلاس دوران ڪيو. اجلاس دوران موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ چارٽر آف ڊيمو ڪريسي جي آرٽيڪل 23 تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙن چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي چارٽر آف ڊيمو ڪريسي ۾ سينيٽ چونڊن جي اوپن بيلٽنگ تي اتفاق ڪيو هو، اڄ ٻئي جماعتون ماضي ۾ ڪيل پنهنجي ئي معاهدي کان انڪاري آهن. اجلاس ۾ لينڊ مافيا جي خلاف جاري آپريشن تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته وزيراعظم لينڊ مافيا خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو ته مسلم ليگ (ن) ۾ وڏا قبضا مافيا موجود آهن، قبضا مافيا جي خلاف ڪارروائي ڪئي ته معلوم ٿيو ته مسلم ليگ (ن) جا ايم اين ايز ان ۾ شامل آهن. پي ڊي ايم متعلق وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ جي تحريڪ پاڻ ۾ اختلافن سبب ختم ٿي ويندي، استعيفا ڏيڻ وارا هاڻ استعيفائن کان ڀڄي رهيا آهن. وزيراعظم هڪ ڀيرو وري واضح انداز ۾ چيو ته ڪير به احتساب کان ڀڄي نٿو سگهي، مون پاڻ عدالت ۾ هر شيءِ پيش ڪئي، پي ڊي ايم جو سربراهه ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو امير مولانا فضل الرحمان نيب ۾ ان لاءِ پيش نٿو ٿئي ته ان وٽ ڪوبه جواب ناهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو