مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پي سي بي کي پي ايس ايل سڪس جون رهيل ميچز ابوظهبي ۾ ڪرائڻ جي اجازت ملي وئي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي پي ايس ايل 6 جون رهيل ميچز ابوظهبي ۾ ڪرائڻ جي مڪمل اجازت ملي وئي آهي. ابوظهبي ۾ پي ايس ايل 6 جي بقايا ميچز جي شروعات جي سلسلي ۾ ايندڙ سموريون رنڊڪون ختم ٿي ويون آهن. پي سي بي ۽ سمورن فرنچائز مالڪن جي وچ ۾آن لائين اجلاس کانپوءِ ايونٽ جي شروعات بابت انتظامن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. ان حوالي سان چيف ايگزيڪيوٽو پي سي بي وسيم خان موجب اسان هاڻ ايونٽ جي شروعات لاءِ مڪمل طور تيار آهيون. اسان متحده عرب امارات جي حڪومت، ان جي نيشنل ايمرجنسي ڪرائسز اينڊ ڊيزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي، ايمريٽس ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ابوظهبي اسپورٽس ڪائونسل جا ٿورائتا آهيون ۽ ان سان گڏوگڏ جون ۾ ايونٽ جي شروعات کي يقيني بنائڻ لاءِ عيدالفطر جي موڪلن باوجود سخت محنت ڪرڻ تي پي سي بي اسٽاف جو ٿورائتو آهيان.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو