مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پي سي بي جو اڳوڻو ميڊيڪل ڊائريڪٽر برطرفي تي ڪاوڙجي پيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي ميڊيڪل ڊائريڪٽر سهيل سليم پنهنجي برطرفي تي ڪاوڙجي پيو. هڪ بيان ۾ سهيل سليم چيو ته پي ايس ايل ۾ بدانتظامي جو الزام هڻي مون کي قرباني جو ٻڪرو ڪري استعيفيٰ ورتي وئي. ڊاڪٽر سهيل خان جو چوڻ هو ته مون 365 ڏينهن رات هڪ ڪري پي سي بي لاءِ ڪم ڪيو، پر ان جو مون کي صلو اهو ڏنو ويو ته ڪجهه ماڻهن کي بچائڻ لاءِ مون کي ڪڍيو ويو، مون وٽ به اهڙيون ڪهاڻيون آهن جيڪي آئون ملڪي مفاد ۾ نٿو ٻڌائڻ چاهيان. ياد رهي ته گذريل مهيني ئي پي سي بي جي شعبي ميڊيڪل ۽ اسپورٽس سائنس جي ڊاڪٽر سهيل سليم جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي آهي.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو