مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پهرين جون کان ڊيزل جي قيمت ۾ چار رپيا ڇٽيهه پئسا في ليٽر واڌ جو امڪان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پهرين جون کان ڊيزل جي قيمت ۾ 4 رپيا 36 پئسا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي. اوگرا سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. ٻڌايو ويو آهي ته اوگرا پهرين جون کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جي سمري تيار ڪري ورتي آهي. جنهن ۾ پيٽرول جي قيمت برقرار رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. جڏهن ته گاسليٽ ۽ لائٽ ڊيزل جون قيمتون به برقرار رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن موجب سمري منظوري لاءِ ناڻي واري وزارت ڏانهن اماڻي وئي آهي. قيمتن ۾ تبديلي جو حتمي فيصلو وزيراعظم عمران خان ڪندو جنهن کانپوءِ نيون قيمتون لاڳو ڪيون وينديون.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو