مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ڪورونا حڪومتي نااهلي سبب اڄ بي قابو ٿي چڪو آهي: بلاول ڀٽو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وقت تي لاڪ ڊائون ڪري ڪورونا جي پکيڙ کي آساني سان ڪنٽرول ڪري سگهجيو ٿي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ ڪورونا جي پکيڙ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وائرس سبب فوت ٿي ويلن جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ڪورونا حڪومتي نااهلي سبب اڄ بي قابو ٿي چڪو آهي. وقت تي لاڪ ڊائون ڪيو وڃي ها ته ڪورونا جي پکيڙ کي آساني سان روڪي سگهجيو ٿي. هن چيو ته عمران خان ٻڌائي ته ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ ٺاهيل ٽائيگر فورس ناڪام ڇو ٿي وئي؟ عمران خان ڪورونا جي شڪار ٿيڻ باوجود قرنطينه ۾ 5 رڪني اجلاس جي سربراهي ڪئي. وزيراعظم ڪورونا جو شڪار ٿي احتياط نه ڪري ته عام ماڻهو ڪيئن ايس او پيز جو خيال ڪندو. پ پ چيئرمين چيو ته ويڪسينيشن واحد طريقو آهي جنهن سان معاشي پريشانين کان بچي سگهجي ٿو، پر بدقسمتي سان ملڪ ۾ ويڪسين نه هجڻ جي برابر آهي. حڪومت چاهي ها ته وقت تي وڏي پيماني تي ڪورونا ويڪسين خريد ڪري سگهي ٿي، پر عمران خان جي ڪوشش مفت ۾ ويڪسين حاصل ڪرڻ جي رهي. جيڪڏهن چين ويڪسين عطيو نه ڪري ها ته فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرن کي به ڊوز فراهم ڪرڻ جو سلسلو شروع نه ٿي سگهي ها. عمران خان کي ڪورونا رليف فنڊ جي هڪ هڪ رپئي جو حساب ڏيڻو پوندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو