مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پ پ سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان پيپلز پارٽي صدارتي ريفرنس کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس جي خلاف پيپلز پارٽي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست فرحت الله بابر ۽ فاروق ايڇ نائيڪ ذريعي جمع ڪرائي وئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سينيٽ چونڊون آرٽيڪل 226 جي تحت ٿينديون آهن ۽ 26 هين آئيني ترميم جو بل پارليامينٽ ۾ التوا هيٺ آهي ۽ آئيني ترميم جي ناڪامي تي حڪومت پنهنجو موقف تبديل ڪيو. درخواست ۾ چيو ويو ته حڪومتي ريفرنس سياسي مقصد جي لاءِ داخل ڪيو ويو آهي ۽ سپريم ڪورٽ کي درخواست آهي ته صدارتي ريفرنس واپس موڪلي ڇڏي. درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته سينيٽ چونڊون آئين موجب ٿيڻ گهرجن. حڪومت طرفان سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ چيو ويو هو ته ڳجهي ووٽنگ سبب سينيٽ چونڊن کانپوءِ شفافيت تي سوال اٿاريا ويندا آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو