مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ٽن مھينن ۾ سڀ ڪجهه صحيح ڪرڻ وارو عمران خان ڪجهه به نه ڪري سگهيو آهي: بلاول

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 90 ڏينهن ۾ سڀ ٺيڪ ڪرڻ واري عمران خان کي اڄ 33 مهينا ۽ 11 ڏينهن ٿي ويا آهن پر ڪجهه نه ڪري سگهيو آهي ۽ ايندڙ 813 ڏينهن ۾ به هو ڪجهه نه ڪري سگهندو، پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته اڄ وقت ٻيهر ثابت ڪيو ته پ پ جي معاشي ۽ زرعي پاليسيون ملڪ جي بهترين مفاد ۾ آهن، هن چيو ته ٽن سالن ۾ ٽيون ڀيرو ناڻي وارو صلاحڪار آندو ويو، ايف بي آر جي چئن ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي ٽن چيئرمينن کي بدلايو ويو پر عمران خان معيشت ۾ بهتري نه آڻي سگهيو، عمران خان جي ٽيم ورڪ جو اهو نتيجو آهي ته معاشي ٽيم هڪ ڏينهن فيصلو ڪري ٿي ته ٻئي ڏينهن ڪابينا ان فيصلي کي رد ڪري ڇڏي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته عمران خان ملڪ جو مستقبل داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو