مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ٽرانس جينڊر ايڪٽ جو مقصد سڃاڻپ ڏيڻ آهي، ڪنهن کي حق ڏيڻ کان محروم نٿو رکي سگهجي: سعد رفيق

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ريلوي واري وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته ٽرانس جينڊر ايڪٽ تي ڪو اعتراض آيو ته ان معاملي تي ميڊيڪل بورڊ ٺاهڻ گهرجي. ان ايڪٽ جو مقصد سڃاڻپ ڏيڻ آهي ته جيئن کدڙا فقيرن جو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهي سگهي، ڪنهن کي حق ڏيڻ کان محروم نٿو رکي سگهجي. اهو بل 2018ع ۾ پيش ٿيو هو. سوال اهو آهي ته اڄ ان جو خيال ڪيئن آيو. لاهور ۾ احتساب عدالت ۾ ٻڌڻيءَ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته ملڪ ۾ ٻوڏ آيل آهي ۽ عمران خان لانگ مارچ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي ۽ چوي ٿو ته لانگ مارچ ڪندس ۽ اسلام آباد کي بند ڪري ڇڏيندس، عمران خان کي لانگ مارچ کان نٿا روڪيون. قانون جي دائري ۾ رهي احتجاج ڪرڻ سڀني جو حق آهي.   

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو