مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وزيراعظم جي چوڌري ڀائرن سان اهم ملاقات

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزيراعظم عمران خان جي چوڌري ڀائرن سان اهم ملاقات ٿي. وزيراعظم عمران خان چوڌري ڀائرن سان ملاقات لاءِ سندن رهائشگاهه پهتو ۽ ملاقات کانپوءِ اتان روانو ٿي ويو. ذريعن موجب وزيراعظم پنهنجي حڪومت جي اهم اتحادي جماعت ق ليگ کي ڏکئي وقت ۾ ساٿ نه ڇڏڻ جي درخواست ڪئي، وزيراعظم جي چوڌري ڀائرن سان ملاقات 30 منٽن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهي. هاڻ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب چوڌري ڀائرن ڄمي وزيراعظم سان گڏ بيهڻ جو اعلان ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ چوڌري ڀائرن چيو ته 14 سالن کانپوءِ شهباز شريف کي اسان جو خيال آهي، شهباز شريف کي ٻڌايوسين ته بي اعتمادي ڪامياب نه ٿي ته عمران خان جبل آهي، اسان دٻجي وينداسين، اهڙي اٽڪل جو ڇا فائدو، جنهن جي ڪاميابي جو ڪو امڪان ئي نه هجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو