مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وزيراعظم جو پيٽرول 10 رپيا، بجلي 5 رپيا في يونٽ سستي ڪرڻ جو اعلان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزيراعظم عمران خان قوم سان خطاب دوران پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي سستي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. قوم سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مون کي خوف آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهه في الحال هيٺ نه ايندا ۽ گئس جي قيمت به مٿي ويندي. گڏوگڏ روس کان اسان کي ڪڻڪ وٺڻي آهي، اها به مهانگي ٿي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت هاڻ به گهٽ آهي، جيڪڏهن حڪومت سبسڊي نه ڏئي ها ته پاڪستان ۾ اڄ پيٽرول جي قيمت 220 رپيا في ليٽر هجي ها، پر اڄ مان قوم کي خوشخبري ڏئي رهيو آهيان ته قيمت وڌائڻ بدران پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 10-10 رپيا في ليٽر گهٽتائيءَ جو اعلان ڪري رهيو آهيان. سندس چوڻ هو ته اسان في يونٽ بجلي به 5 رپيا سستي ڪري رهيا آهيون.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو