مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

هلندڙ سال جو آخري مڪمل سج گرهڻ اڄ ٿيندو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسلام آباد موسميات کاتي موجب هلندڙ سال جو آخري مڪمل سج گرهڻ اڄ ٿيندو، پر اهو پاڪستان ۾ نظر نه ايندو. سج گرهڻ ڏکڻ آفريڪا، ڏکڻ آمريڪا، بحرالڪاهل ۾ نظر ايندو. پاڪستاني وقت موجب سج گرهڻ شام 6 لڳي 34 منٽن تي شروع ٿيندو ۽ رات جو 11 لڳي 53 منٽن تي ختم ٿيندو. پاڪستان ۾ ان کان اڳ 21 جون 2020 تي سج گرهڻ ڏٺو ويو ۽ سکر ۾ 98 سيڪڙو سج گرهڻ ٿيو هو. هلندڙ سال سج کي ٻه ۽ چنڊ کي 4 ڀيرا گرهڻ لڳو. هلندڙ سال 10 جنوري 5 جون 4 جولاءِ ۽ 30 نومبر تي چنڊ گرهڻ ٿيو هو. سال 2020 ۾ پهريون سج گرهڻ 21 جون تي ٿيو هو ۽ ٻيو اڄ 14 ڊسمبر تي ٿيندو. ايندڙ سال 2021 جو پهريون چنڊ گرهڻ 26 مئي ۽ سج گرهڻ 10 جون 2021 تي ٿيندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو