مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نواز شريف واپس اچي رهيو آهي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ سربراهه نواز شريف واپس اچي رهيو آهي، پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جاويد لطيف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان مخاطب ٿيندي چيو آهي ته نواز شريف اچي رهيو آهي، قوم جهڙي ريت آجيان ڪندو تون ڏسندين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته گذريل 4 کان 6 مهينن کان عمران خان گھڻو ڪجهه چوندو پيو اچي. ن ليگ اڳواڻ جو چوڻ هو ته هن شخص جي ڳالهين ۾ ڏڦيڙ ۽ فتني جا لفظ وڌندا پيا وڃن، پاڻ کي مسلمان چئي ڏڦيڙ ۽ فتنو پيدا ڪندڙ هي پهريون شخص آهي. جاويد لطيف چيو ته عمران خان جا وزير چون ٿا ته جيڪو اسان سان گڏ نه هلندو ان کي قبر ۾ حساب ڏيڻو پوندو، ٻين مذهبن کي مڃڻ وارن به هن قسم جون ڳالهيون گھٽ ٻڌيون هونديون، ڏسڻو پوندو ته آخر ڪيستائين هن کي ان طرح دادلو رکڻو آهي، قوم فيصلو ڪري چڪي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن نوٽيس نه ورتو وڏو عوامي رد عمل اچي سگھي ٿو. ليگي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته عمران خان اڄ به ڳالهين لاءِ تيار نه هجي ها، هاڻ تبديل ٿيندڙ حالتن ۾ هو اين آر او گھري رهيو آهي، نواز شريف اچي پيو،  قوم جهڙي ريت آجيان ڪندو تون (عمران خان) ڏسندين.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو