مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نقيب الله قتل ڪيس ۾ رائو انوار جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ هاءِ ڪورٽ نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ آڏو نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اوهان اهو ٻڌايو جيڪڏهن اوهان کي حاضري کان ڇوٽ ڏئي ڇڏيون ته اهو ٻين سان امتيازي سلوڪ نه هوندو. رائو انوار جي وڪيل عامر منسوب ايڊووڪيٽ پنهنجي موقف ۾ چيو ته حساس ادارن رائو انوار جي سيڪيورٽي بابت رپورٽ ڏني آهي. منهنجي اصيل کي سخت سيڪيورٽي خدشا آهن. چيف جسٽس احمد علي شيخ ريمارڪس ڏنا ته ٽرائل ڪورٽ کي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي جي هدايت ڏئي ڇڏيون ٿا. اوهان جي هن درخواست کي رد ڪريون ٿا. جنهن تي عامر منسوب استدعا ڪئي ته عدالت درخواست رد نه ڪري. اسان واپس وٺي ٿا ڇڏيون. عدالت استدعا منظور ڪري ورتي ۽ درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي رد ڪري ڇڏي. واضح رهي ته اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار ٽرائل ڪورٽ کان حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي هئي. ٽرائل ڪورٽ رائو انوار جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست اڳ ئي رد ڪري  چڪي آهي. رائو انوار ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو