مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نئون سال: هوائي فائرنگ ڪندڙن خلاف قتل جي ارادي جا ڪيس داخل ٿيندا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي ۾ نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ ڪندڙن خلاف قتل جي ارادي جا ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ نئين سال جي جشن جي موقعي تي شهر  ۾ سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن ۽ ان سلسلي ۾ ڏکڻ ضلعي ۾ 2250 پوليس اهلڪار به مقرر ڪيا ويا آهن. ايس ايس پي ڏکڻ موجب ضلعي ۾ سخت سڪيورٽي قدمن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ گهڻا انتظام ڪلفٽن ۽ ڊفينس سب ڊويزنن ۾ ڪيا ويا آهن، پوليس سڪيورٽي کي مجموعي طور تي 9 سيڪٽرن تي ٺاهيو ويو آهي. سمنڊ وڃڻ وارن رستن تي هڪ هزار 557 آفيسر ۽ اهلڪار ڊيوٽي جا فرض سرانجام ڏيندا، ايس ايس پي ڏکڻ جو چوڻ آهي ته هوائي فائرنگ ڪندڙ عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ مٿن قتل جي ارادي سميت ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيا ويندا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو