مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

موسميات کاتي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ کنوڻ سان برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

موسميات کاتي اڄ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ کنوڻ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. موسميات کاتي موجب اڄ ڪراچي جو گرمي پد 41 ڊگري تي پهچي سگهي ٿو. جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٺٽي جي ڪجهه علائقن ۾ طوفان ۽ کنوڻ سان هلڪي برسات جو امڪان آهي. ان دوران 60 کان 70 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلي سگهن ٿيون. ان حوالي سان موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز ٻڌايو آهي ته ڪراچي جي اوڀر ۽ اولهه وارن علائقن ۾ طوفان ۽ هلڪي برسات جو امڪان وڌيڪ آهي. جڏهن ته ٿرپارڪر، ميرپورخاص، بدين ۽ عمرڪوٽ ۾ به طوفان ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. ڪجهه علائقن ۾ تيز برسات جو به امڪان آهي. سردار سرفراز موجب سائيڪلون ڊپريشن جي صورت ۾ ڀارتي شهر راجسٿان ۽ گجرات ۾ موجود آهي. جڏهن ته ڊپريشن جي موجودگي سامونڊي هوائن جي معطلي جو سبب بڻجندي. 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو