مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

منشيات فروشن هٿان يرغمال عورت اي ايس پي سميت اهلڪار بازياب

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

حيدرآباد ۽ ٽنڊو محمد خان پوليس منشيات فروشن پاران عورت اي ايس پي سميت يرغمال بڻايل اهلڪارن کي بازياب ڪرايو ويو. رات 3 وڳي پوليس اٽالن منشيات فروش اڪبر لغاري جي گرفتاريءَ لاءِ ڳوٺ ستر موري تي چڙهائي ڪئي. منشيات فروشن حملو ڪري 7 اهلڪارن کي زخمي ڪري ڇڏيو، جوابدارن اي ايس پي حيدرآباد ڪينٽ علينا راڄپر ۽ ٻين اھلڪارن کي يرغمال به بڻايو. پوليس جا وڌيڪ اٽالا طلب ڪري عورت اي ايس پي ۽ ٻين اهلڪارن کي بازياب ڪرايو ويو، جڏهن ته 6 جوابدار گرفتار به ڪيا ويا. پوليس ڪروڙين رپين جي منشيات ۽ سامان هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته مک جوابدار اڪبر لغاري گرفتار نه ٿي سگهيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو