مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 101 فوتگيون، 3559 نوان ڪيس

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 101 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جڏهن ته 3559 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 53 هزار 637 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 3559 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 101 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا. سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 6.63 سيڪڙو رهي. انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو مجموعي انگ 25 هزار 889 ۽ ڪيسن جو مجموعي انگ 11 لک 63 هزار 688 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 4140 ڄڻا ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيا، جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو مجموعي انگ 10 لک 43 هزار 898 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فعال ڪيس 93901 آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو