مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ملڪ ۾ ڪورونا جا ٽيويهه سئو ٻاهٺ نوان ڪيس ظاهر، ڇٽيهه مريض حياتيون وڃائي ويٺا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان ۾ وڌيڪ 36 مريض ڪورونا جو شڪار ٿي حياتيون وڃائي ويٺا آهن جڏهن ته 2362 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 31 هزار 830 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کانپوءِ هينئر تائين ملڪ ۾ ڪورونا 19 ٽيسٽس جو انگ 60 لک 64 هزار 220 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 2 هزار 362 ڪيس سامهون آيا آهن. اهڙي طرح ملڪ ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 4 لک 40 هزار 787 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب هينئر تائين سڀني کان وڌيڪ ڪيس سنڌ ۾ سامهون آيا آهن. سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ هڪ لک 95 هزار 702 ٿي چڪو آهي. پنجاب ۾ هڪ لک 27 هزار 541، خيبر پختونخواهه ۾ 52 هزار 449، بلوچستان ۾ 17 هزار 745، اسلام آباد ۾ 34 هزار 840، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 7 هزار 719 جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ هينئر تائين 4 هزار 791 ڪورونا وائرس جا مريض سامهون آيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 19 ماڻهن ڪورونا کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. هينئر تائين ملڪ ۾ گڏيل طور تي 3 لک 84 هزار 719 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 36 گڏيل مريض حياتيون وڃائي چڪا آهن. ملڪ ۾ هينئر تائين ڪورونا جا 8 هزار 832 گڏيل مريض فوت ٿي چڪا آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو