مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جو سبب عمران خان جا غلط فيصلا آهن، هو هاڻ قوم کان معافي وٺي: بلاول ڀٽو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان آءِ ايم ايف سان ڊيل تي اسان جي ڳالهه مڃي ها ته معيشت ائين تباهه نه ٿئي ها. ڊيل ۾ پنهنجي غلطي مڃڻ ڪافي ناهي، پر هاڻ هن کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي. رپورٽ موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جو سبب عمران خان جا غلط فيصلا آهن هو ڪنهن ٻئي کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي پاڻ بچي نٿو سگهي. عمران خان وٽ هڪ اهل حڪمران واري سمجهه نه آهي. پهريان هن آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي جو دفاع ڪيو. پوءِ دير سان معاهدو ڪري غلط ڊيل جو دفاع ڪيو. ان کانپوءِ تحريڪ انصاف يو ٽرن به ورتو. هن چيو ته عمران خان غلطيون ڪندو آهي، غلطين جو اعتراف ڪندو آهي ان کانپوءِ ساڳيون ئي غلطيون ٻيهر ورجائيندو آهي. هي ملڪ آهي ڪو ڪلاس جو ڪمرو نه آهي. عمران خان جا آءِ ايم ايف جي هدايتن تي وڌيڪ ٽيڪس جا هٿ ڪنڊا ناڪام بڻائينداسين. وزيراعظم آءِ ايم ايف جي چوڻ تي بجلي، گيس ۽ پيٽرول مهانگو ڪيو. آءِ ايم ايف جي پگهاردار ملازمن کي عوام جا فيصلا ڪرڻ نه ڏينداسين.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو