مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برفباري کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري سبب موسم وڌيڪ ٿڌو ٿي ويو آهي. آزاد ڪشمير جي اترين ضلعن مظفر آباد، وادي نيلم، بٽيان بالا، پونڇ، حويلي، پلندري ۽ باغ ۾ برسات ۽ برفباري پئي. مظفر آباد، ليپه، ريٽيان ۾ وڌيڪ برفباري پوڻ سبب روڊ به بند ٿي ويا آهن جڏهن ته چلاس، مٿانهين علائقن ۾ وقفي وقفي سان برفباري جو سلسلو جاري آهي. ديامر، بابوسرٽاپ، نانگا پربت، بنوگاهه ٽاپ ۾ سخت برفباري پئي. جڏهن ته ملڪه ڪوهسار مري ۾ به برفباري سبب سيءَ ۾ واڌ ٿي وئي آهي. اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ به برسات پئي آهي جنهن سبب موسم هڪ دفعو بيهر ٿڌو ٿي ويو آهي. ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ مٿانهين خيبر پختونخواهه ۾ وڌيڪ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي موجب مٿانهين خيبر پختونخواهه، ۾ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. جڏهن ته پوٽوهار ۾ موسم جهڙالو رهندو. موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهندو جڏهن ته پنجاب جي ڪجهه ميداني علائقن ۽ مٿانهين سنڌ ۾ ڪوهيڙو رهڻ جو امڪان آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو