مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ملڪ جي بهتر مفاد ۾ فوج کي سياسي گفتگو کان پري رکيو وڃي: آءِ ايس پي آر

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ملڪ جي بهترين مفاد ۾ فوج کي سياسي گفتگو کان پري رکيو وڃي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ موجوده سياسي صورتحال ۾ ڄاڻي واڻي فوج ۽ ان جي قيادت کي ملوث ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، اهي ڪوششون فوج سان گڏوگڏ ان جي اعليٰ قيادت جي حوالي سان آهن. آءِ ايس پي آر موجب اهي ڪوششون سڌي ريت يا واسطي سان عوامي فورمز ۽ سوشل ميڊيا سميت مختلف فارمز تي ڪيون ويون، سياسي اڳواڻن، صحافين ۽ تجزئي نگارن طرفان اڻ تصديق ٿيل ۽ ساک کي نقصان پهچائيندڙ چڙ ڏياريندڙ بيانن جو عمل انتهائي نقصانڪار آهي. پنهنجي بيان ۾ آءِ ايس پي آر چيو ته فوج اميد ڪري ٿي ته سڀ قانون جي پاسداري ڪندا ۽ ملڪ جي بهترين مفاد ۾ فوج کي سياسي گفتگو کان پري رکندا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو