مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ملڪ جون سموريون بينڪون ڇنڇر اٺ مئي تي کليل رهنديون: اسٽيٽ بينڪ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسٽيٽ بينڪ چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 8 مئي تي سموريون بينڪون پنهنجي مقرر وقت تائين کليل رهنديون. اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سموريون بينڪون ۽ مالياتي ادارا 8 مئي جي صبح 9 کان ٻنپهرن جو 2 وڳي تائين کليل رهندا. اهو فيصلو عوام جي سهولت لاءِ ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف اسٽيٽ بينڪ به عيدالفطر جي موقعي تي 10 کان 15 مئي تائين بند رهندي. واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر کي نظر ۾ رکندي اين سي او سي جي سفارشن جي روشني ۾ 10 کان 15 مئي تائين عيدالفطر جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي. انهن موڪلن دوران لازمي سروسز کان علاوه ڪاروبار، مارڪيٽون ۽ دڪان بند رهندا. جڏهن ته ميڊيڪل اسٽور، اسپتالون، ويڪسينيشن سينٽر، بيڪريون، پيٽرول پمپ کليل رهندا. عيد رات مهندي بازار، زيورن ۽ ڪپڙن جا اسٽال بند رهندا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو