مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مبارڪون، پاڪستان جي فيٽف گري لسٽ مان نڪرڻ وارو عمل شروع

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير حنا رباني کر پاڪستاني قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (فيٽف) پاڪستان جي ٻنهي ايڪشن پلانز کي مڪمل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. فيٽف اجلاس جي سلسلي ۾ جرمني جي شهر برلن ۾ موجود حنا رباني کر چيو ته عالمي برادري متفقه طور تي اسان جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي آهي، اسان جي ڪاميابي چئن سالن جي ڏکئي سفر جو نتيجو آهي. حنا رباني کر جو چوڻ آهي ته پاڪستان هن رفتار کي جاري رکڻ، معيشت کي هٿي ڏيڻ جو عزم ورجايو. هن چيو ته اڄ سمورن پاڪستانين لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي، قوم کي مبارڪ پيش ڪريون ٿا، فيٽف پاڪستان کي سمورن نقطن تي ڪليئر ڪري ڇڏيو آهي جنهن کانپوءِ فيٽف پروسيجر تحت پاڪستان جي گري لسٽ مان نڪرڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، اميد آهي ته آڪٽوبر تائين گري لسٽ مان نڪرڻ جو عمل مڪمل ٿي ويندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو