مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ماضي ۾ هزارا برادري کي نشانو بنائيندڙ انتها پسند داعش سان ملي ويا آهن: وزيراعظم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ انتهاپسند گروپ بلوچستان جي هزارا برادري کي نشانو بنائيندا رهيا آهن ۽ هاڻ هي انتها پسند گروپ داعش سان ملي ويا آهن جنهن مچ واقعي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. ترڪ ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪو ڪجهه مچ ۾ ٿيو اهو ڏکوئيندڙ آهي. هزارا برادري جي مدد ۽ تحفظ جي لاءِ هر قدم کڻنداسين. عمران خان چيو ته ماضي ۾ انتهاپسند گروپ بلوچستان جي هزارا برادري کي نشانو بنائيندا رهيا آهن ۽ هاڻ هي انتها پسند گروپ داعش سان ملي ويا آهن جنهن مچ واقعي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته پهريان جڏهن هزارا برادري کي نشانو بنايو ويو هو ته مان اپوزيشن ۾ هئس ۽ ڪوئيٽا ويو هئس. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ بلوچستان جي علائقي مچ ۾ هٿيار بندن ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ 11 پورهيتن کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو. قتل ٿيندڙ سمورن ماڻهن جو تعلق هزارا برادري سان هو جن جي وارثن وزيراعظم جي پهچڻ تائين لاشن جي تدفين نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو