مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

لاڪ ڊائون نٿا چاهيون ٻن هفتن لاءِ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ چاهيون ٿا: مراد علي شاهه

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان صوبي ۾ لاڪ ڊائون نٿا چاهيون، پر صرف ٻن هفتن جي لاءِ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ کي بند ڪرڻ چاهيون ٿا. سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان چيو آهي ته سنڌ ۾ هڪ مهيني دوران برطانيه مان ايندڙن جا تفصيل جمع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب وڏي وزير چيو آهي ته اسان لاڪ ڊائون نٿا چاهيون صرف بين الصوبائي ٽرانسپورٽ کي ٻن هفتن جي لاءِ بند ڪرڻ چاهيون ٿا. بندرگاهه تي سرگرميون ۽ گڊز ٽرانسپورٽ جاري رکڻ چاهيون ٿا. سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ٿيڻ سان ڪورونا جي ٽئين لهر جي پکيڙ کي روڪي سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته اسان اڪيلي بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند نٿا ڪري سگهون. اهو فيصلو قومي سطح تي ٿيڻ گهرجي. اي سي او سي کي بين الصوبائي ٽرانسپورٽ 2 هفتن جي لاءِ بند ڪرڻ جي سفارش ڪري رهيا آهيون.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو