مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

قمبر ٻوڏ متاثر نينگر جي خون جو مُلهه 13 لک رپيا مقرر

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

قمبر ۾ جرڳائي ڀوتارن ٻوڏ متاثر نينگر جَي خون جو مُلهه 13 لک رپيا مقرر ڪري ڇڏيو. پ پ ايم پي اي بُرهان چانڊيو جِي سرپئنچي هيٺ گاڏي جَي ٽڪر ۾ فوت ٿيل نينگر بهرام چانڊيو جَي خون جو جرڳو ٿيو، جنهن دوران پوليس انسپيڪٽر غلام مصطفيٰ کهاوڙ مٿان 13 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. فتويٰ ۾ چيو ويو آهي ته پوليس انسپيڪٽر متاثر ڌُر کي 15 ڏينهن اندر رقم ادا ڪرڻ جو پابند هوندو. چار ڏينهن اڳ پوليس انسپيڪٽر غلام مصطفيٰ کهاوڙ جِي گاڏي روڊ ڪناري ويٺل ٻوڏ متاثر خاندان مٿان چڙهي وئي هئي. حادثي ۾ نينگر بهرام چانڊيو فوت ۽ سندس ماءُ ۽ ڀاءُ زخمي ٿيا هئا، پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري انسپيڪٽر کي گرفتار به ڪيو هو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو