مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

فضل الرحمان جديد دور جو ڪرپٽ جادوگر آهي: فردوس عاشق

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پنجاب جي وڏي وزير جي خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته فضل الرحمان جديد دور جو ڪرپٽ جادوگر آهي هن چندي سان اربين رپين جون ملڪيتون فرنٽ مينز جي ذريعي ٺاهيون آهن. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عوام کي ورغلائيندڙ مولانا فضل الرحمان جي سياست مفاد پرستي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته ڪرپشن بچائڻ جي لاءِ هي ٽولو دربدر ٿي ٺوڪرون کائي رهيو آهي. ڪپتان جي حڪومت ۾ هنن جون وڌيڪ رڙيون نڪرنديون. هن چيو ته مولانا اربين جي ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ ملڪ جون پاڙون کوکليون ڪرڻ تي ضد ڪريو ويٺو آهي. هن چيو ته مولانا ۽ پي ڊي ايم پاران رڙيون ڪرڻ جو اصل سبب هنن جا ڪڌا ڪرتوت ۽ ڪرپشن جا پهاڙ آهن. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سياست جي ٻيڙي هاڻ ٻڏي چڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته استعيفائن ۽ لانگ مارچ کانپوءِ هاڻ بي اعتمادي واري تحريڪ جو شوشو ڇڏيو ويو. هن بزدل ماڻهن ۾ بي اعتمادي جي به طاقت ناهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سنڌ جي شهزادي بي اعتمادي جو پراڻو اسڪرپٽ لکيو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو