مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

عمران خان کي لغام ڏنو وڃي: فضل الرحمان ۽ شهباز شريف جي تنبيهه

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ن ليگ صدر شهباز شريف ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم عمران خان کي خبردار ڪندي چيو آهي ته هو پنهنجي زبان کي قابو ۾ رکي نه ته اسان کي قابو ڪرڻ اچي ٿو، بداخلاقي ڪندڙ ۽ گاريون ڏيندڙ شخص وزيراعظم نه هجڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو ته عمران خان جيڪا ٻولي ڳالهائي رهيو آهي، ان جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي، هو نواز شريف کي ڀڳوڙو چئي رهيو آهي، پر تمام جلد پاڻ ڀڳوڙو ٿيڻ وارو آهي، عمران نيازي ڌانڌلي جي پيداوار آهي، اسان تي الزام هڻندڙ پاڻ اسٽيبلشمينٽ جو آندل آهي. هن چيو ته جي يو آءِ ايم اين ايز سان ظلم ٿيو، پر مولانا فضل الرحمان بردباري جو مظاهرو ڪيو، مان اڳ ۾ عمران خان جي ڳالهين جو جواب نه ڏيندو هئس، پر اڄ ڏنو آهي، جڏهن ته ان کان وڌيڪ ڪجهه نه چوندس. مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان جي ڪيفيت خراب ٿي چڪي آهي، سندس حواس اُڏي ويا آهن، خبر ناهي ڪيئن قوم جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو، پر ان مان ڇوٽڪاري جا ڏينهن اچڻ وارا آهن، اسان جي سڏ تي ڪلاڪ ۾ سڄو ملڪ جام ٿي ويو، توهان جي ٻولي ٻڌائي رهي آهي ته توهان وزيراعظم ٿيڻ جا اهل ناهيو، توهان کي وزيراعظم بڻائڻ ان عهدي جي بي عزتي آهي. هن چيو ته عمران خان کي لغام ڏنو وڃي، پاڪستان وڌيڪ اهڙن ماڻهن کي برداشت نٿو ڪري سگهي، اسان وٽ اڪثريت آهي، جيڪڏهن توهان وٽ آهي ته سياسي جنگ وڙهو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو