مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

عمران خان کي آڻڻ لاءِ يهودين پندرهن سال محنت ڪئي: مولانا فضل الرحمان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جي سربراهه مولانا فضل الرحمان الزام هنيو آهي ته عمران خان يهودين جو ايجنٽ آهي ۽ ان کي آڻڻ جي لاءِ يهودين 15 سال محنت ڪئي آهي. رات دير سان جامعه انوارالعلوم مهراڻ ٽائون ڪورنگي ۾ جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي مجلس شوريٰ جي اجلاس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان آئين جو حلف کنيو آهي ۽ بي خوف ٿي اڳيان وڌندا آهيون. هن چيو ته اسان ٽي ٽي پي جي سپلائي لائين کي روڪي ثابت ڪيو ته اسان محب وطن پاڪستاني آهيون. اسان مدرسن جي شاگردن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪري رهيا آهيون ته هي ماڻهو پريشان آهن ۽ منع ڪري رهيا آهن. جي يو آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اڄ جي جنگ تهذيبن جي جنگ آهي هيءَ حڪومت هڪ ايجنڊا جي تحت آندي وئي آهي هنن جو مقصد پاڪستان کي خطي ۾ اڪيلو ڪرڻ آهي. عمران خان يهودين جو ايجنٽ آهي ۽ عمران خان کي آڻڻ جي لاءِ يهودين 15 سال محنت ڪئي آهي. عمران بابت اهي ڳالهيون سندس نمائندا به مڃيندا آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو