مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

عمران خان خلاف دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت ڪيس داخل

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اسلام آباد جي مارگلا ٿاڻي ۾ اڳوڻي وزيراعظم خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. عمران خان خلاف اينٽي ٽيررزم ايڪٽ تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي ۽ ڪيس ڊيوٽي مئجسٽريٽ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ سرڪاري آفيسرن کي ڌمڪائڻ ۽ ڪم کان روڪڻ وارا قلم شامل آهن. ڪيس جي متن موجب عمران خان ايف نائن پارڪ جلسي ۾ ايڊيشنل سيشن جج ۽ پوليس اهلڪارن کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ سندس تقرير جو مقصد پوليس اختيارين ۽ عدليه کي ڊيڄارڻ هو. ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڌمڪي جو مقصد پوليس آفيسرن ۽ عدليه کي پنهنجون قانوني ذميواريون پوريون ڪرڻ کان روڪڻ هو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو