مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

عمران خان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جو فيصلو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پاران سيشن جج زيبا چوڌري کي ڌمڪائڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. عدالت رجسٽرار جي نوٽ تي معاملي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ ان لاءِ لارجر بئنچ جوڙي وئي آهي، هاءِ ڪورٽ جي سمورن ججن صلاح مشوري بعد عمران خان کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ڏانهن جلد قانوني نوٽيس جاري ڪرڻ جو امڪان آهي. لارجر بئنچ ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس ميان گل اورنگزيب ۽ جسٽس بابر ستار شامل آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لارجر بئنچ عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي. واضح رهي ته 20 آگسٽ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان شهباز گِل تي مبنيا تشدد خلاف آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي اسلام آباد تي ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ خطاب دوران عمران خان شهباز گِل جو رمانڊ ڏيڻ تي سيشن جج زيبا چوڌري جو نالو کڻندي کيس ڌمڪي ڏني هئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو