مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ توهين عدالت ڪيس ۾ عمران جو جواب رد ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس اطهر من الله فيصلو ٻڌائيندي چيو ته عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي، مٿس ٻن هفتن ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو. چيف جسٽس فيصلو ٻڌائيندي چيو ته عمران خان جو جواب تسلي جوڳو ناهي، جڏهن به ڪو سياسي ليڊر عدالت ۾ ايندو آهي ته اسان کي افسوس ٿيندو آهي، عمران خان تي 22 سيپٽمبر تي فرد جرم لاڳو ڪنداسين. عدالت ڪيس ۾ مدد ڪندڙن عدالتي مددگارن جا به ٿورا مڃيا. واضح رهي ته گذريل ٻڌڻي تي عدالت عمران خان طرفان ايڊيشنل جج زيبا چوڌري بابت بيان تي توهين عدالت ڪيس ۾ 8 سيپٽمبر تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. 31 آگسٽ تي ڏنل عدالت جي حڪم موجب عمران خان گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نئون جواب جمع ڪرايو هو، جنهن ۾ هن چيو ته غير ارادي طور لفظ ڳالهائڻ تي افسوس آهي، بيان جو مقصد عورت جج جي دل آزاري ڪرڻ نه هو، جيڪڏهن ان جي دل آزاري ٿي آهي ته افسوس آهي. هن پنهنجي جواب ۾ عدالت کان وضاحت منظور ڪندي اپيل ڪئي ته توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس واپس ورتو وڃي

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو