مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

عارضي ڀرتيون سياسي بنيادن تي ڪيون وينديون آهن، ريلوي حڪومتي ادارو آهي ته سياسي بنيادن تي ڀرتيون ڇو ٿيون آهن؟: سپريم ڪورٽ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سپريم ڪورٽ چيو آھي ته عارضي ڀرتيون سياسي بنيادن تي ڪيون وينديون آهن، ريلوي حڪومتي ادارو آهي ته سياسي بنيادن تي ڀرتيون ڇو ٿيون آهن؟ سپريم ڪورٽ ريلوي کاتي ۾ 80 ملازمن کي پڪو ڪرڻ بابت سروس ٽربيونل جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، ڪانٽريڪٽي ملازمن کي پڪو ڪرڻ خلاف ريلوي کاتي جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪئي وئي آھي، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته ريلوي اختياريون سياسي ڀرتيون ڪرڻ بعد کين پڪو ڪرڻ لاءِ سياسي بُنيادن تي پاليسيون ٺاهينديون آهن، ريلوي جي 80 سيڪڙو آمدني پگهار ۽ پينشن ۾ هلي ويندي آهي، عارضي ڀرتي ٿيل ملازم گهر ويٺي پگهار کڻندا آهن، سياسي مقررين ريلوي کي تباهه ڪري ڇڏيو، ريلوي جي وڪيل چيو ته عارضي ڀرتين تي پابندي لڳل آهي، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته آفيسر پابندي باوجود رستو ڪڍي وٺندا آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو