مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

طالبان حامد ڪرزئي انٽر نيشنل ايئرپورٽ جو نالو تبديل ڪري ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

افغانستان تي ڪنٽرول کانپوءِ طالبان جي طرفان حڪومت ٺاهڻ جو عمل جاري آهي ته اتي مختلف افغان اڳواڻن جي نالن سان منسوب هنڌن جا نالا به تبديل ڪيا پيا وڃن. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪابل ۾ قائم حامد ڪرزئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو نالو تبديل ڪيو ويو آهي ۽ هوائي اڏي کان حامد ڪرزئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو بورڊ به هٽايو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته طالبان حامد ڪرزئي انٽر نيشنل ايئرپورٽ جو نالو تبديل ڪري ڪابل انٽر نيشنل ايئرپورٽ رکي ڇڏيو ۽ ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي مختلف تصويرون به سامهون گردش ڪري رهيون آهن، پر سرڪاري سطح تي هن جي تصديق ناهي ٿي سگهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته طالبان افغانستان جي هڪ مشهور فيلڊ مان طالبان مخالف مرحوم افغان ويڙهاڪ احمد شاهه مسعود جي تصوير به هٽائي ڇڏي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو