مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

شيخ رشيد جي سياست آمرن جي بوٽ پالش کان شروع ۽ سليڪٽڊ جا جوتا کڻڻ تي ختم ٿئي ٿي: شازيه مري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پ پ ايم. اين. اي شازيه مري چيو آهي ته شيخ رشيد ملڪ جو گهرو وزير آهي يا گلي جو غنڊو، سڀ کي خبر آهي ته ڪيترو طرم خان آهي. شيخ رشيد جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي شازيه مري چيو ته ڀڀڪيون نه هڻو ۽ ڌمڪيون پنهنجي گهر ۾ سنڀالي رکو. هن چيو ته شيخ رشيد حالتون تبديل ٿيندي ڏسي پاسو وٺي نڪري ويندو، ان جي سياست آمرن جي بوٽ پالش کان شروع ۽ سليڪٽڊ جا جوتا کڻڻ تي ختم ٿئي ٿي. واضح رهي ته شيخ رشيد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته بلاول کي آخري وارننگ ٿو ڏيان ته وزيراعظم جي فيملي تائين نه وڃي، اندازو ڪيو بلاول استعيفيٰ گهري رهيو آهي عمران خان کان؟ جيڪڏهن تاريخ ۾ ڳالهيون ٿيون ته گهڻيون پري تائين وينديون.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو