مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سينيٽ چيئرمين جي چونڊ: يوسف رضا گيلاني اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪري ڇڏي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ ايوان ۾ اپوزيشن اڳواڻ يوسف رضا گيلاني سينيٽ چيئرمين جي چونڊ بابت هاءِ  ڪورٽ جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي. اپيل يوسف رضا گيلاني جي وڪيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي. متن ۾ شامل آهي ته هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ ٻڌڻي دوران حقيقتن جو جائزو ناهي ورتو. غير قانوني عمل جي تشريح عدالتون ڪري سگهن ٿيون. عدالت جو ڪم آهي ته غير قانونيت تي نعم البدل فراهم ڪري اهڙن ڪيسن ۾ عدالت کي ووٽرن جي نيت کي ڏسڻو پوندو آهي. اپيل ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته انٽرا ڪورٽ اپيل منظور ۽ سنگل بينچ جو فيصلو رد ڪيو وڃي. ياد رهي ته 24 مارچ تي يوسف رضا گيلاني جي درخواست هاءِ ڪورٽ مان رد ڪئي وئي هئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو