سنڌڙي ڳوٺاڻن جو پوليو مھم جو بائيڪاٽ، 2 ڄڻا گرفتار، احتجاج
يو سي اسماعيل ڪنڀار جي ڳوٺ مير مري ۾ ڳوٺاڻن پاران بنيادي سھولتون نه ملڻ خلاف پوليو مھم جو بائيڪاٽ، اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌڙي، مختيارڪار سنڌڙي، ڊي ايس پي سنڌڙي ڳوٺ ۾ پھچي 2 ڄڻن کي گرفتار ڪرائي ڦلھڏيون ٿاڻي تي لاڪپ ڪرڻ کانپوءِ مداخلت بعد آزاد، ڳوٺاڻن جو انتظاميه خلاف احتجاج، بائيڪاٽ جاري، ڳوٺ مير مري ۾ بنيادي سھولتون نه ملڻ خلاف ڳوٺاڻن 25 ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار، ڊي ايس پي سنڌڙي ڳوٺ مان 2 ڄڻا گرفتار ڪرايا عبدالحميد ۽ علي الدين کي گرفتار ڪري ڦلھڏيون ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو، سياسي مداخلت بعد آزاد ڪيو ويو، جنهن بعد ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ پيئڻ جو پاڻي ناھي 4 ڪلو ميٽر پري پيئڻ جو پاڻي آڻيون ٿا، گندي پاڻي پيئڻ سبب ٻارن کي پيٽ جون بيماريون ٿين ٿيون جنھن سبب 2 ٻار مري چڪا آھن. مجبورن ٻين ٻارن جي زندگي سان کيڏيندي اسان پوليو جو بائيڪاٽ ڪيو آھي، يوسيز جي بجيٽ ھجڻ باوجود صاف پاڻي لاءِ پريشان آھيون.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟