مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ تي مراد علي شاهه خطرناڪ ڌمڪي ڏئي ڇڏي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ گورنر راڄ لڳڻ جي خبرن تي سخت رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي. صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو هو ته سنڌ هائوس ايڪسپوز ٿي ويو آهي، سنڌ جي عوام جو پئسو خرچ ڪيو پيو وڃي، مان وزيراعظم کي سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزارت ۾ اهم اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، جنهن جي صدارت وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ڪندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بابت جائزو ورتو ويندو ۽ سمري تيار ڪئي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ان کي غير آئيني قدم قرار ڏيندي سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته مان واضح طور ٻڌائي ڇڏيان ته وفاقي حڪومت طرفان سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جو ڪوبه غير آئيني قدم سنڌ جي عوام طرفان بي مثال مزاحمت کي جنم ڏيندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو