مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ ۾ ڪرپشن جو وڏو اسڪينڊل، ڪروڙين رپين جي غبن جو انڪشاف

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ حڪومت جي ڪرپشن جو هڪ ٻيو داستان سامهون اچي ويو ۽ نيب سنڌ ۾ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ خلاف به جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. نيب ذريعن موجب سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ مان ملير ضلعي جي رهواسين کي ئي زڪوات ۽ ٻي امداد ملندي رهي، زڪوات ۽ امداد وٺندڙ ضلعي ملير جي 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي فهرست جوڙي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته فهرست ۾ 100 ڄڻن کي پهرئين مرحلي ۾ بيان لاءِ طلب ڪيو ويو، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ۾ 2017 ۽ 2018 جي وچ ۾ 50 ڪروڙن کان وڌيڪ جي رقم ملير ضلعي جي رهواسين کي ڏني وئي. نيب ذريعن موجب فهرست ۾ شامل 17 ماڻهن جو بيان به رڪارڊ ڪيو ويو، بيان رڪارڊ ڪندڙن زڪوات ۽ فنڊ نه وٺڻ جو انڪشاف ڪيو، هنن چيو ته پ پ جي علائقائي اڳواڻن امداد لاءِ ڊيٽا گهري هئي، پر امداد نه ملي. ذريعن جو چوڻ آهي ته فهرست ۾ شامل ملير ضلعي جي سڀني شهرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويندا، نوٽيس جاري ٿيڻ ۽ بيان رڪارڊ ڪرڻ کانپوءِ جاچ جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويندو، ملير کانسواءِ ٻين ضلعن جي ماڻهن کان به رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو