مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ ۾ ڇوڪرين جي تعليم جا مسئلا تي ريسرچ اسٽڊي لانچ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ”سنڌ ۾ ڇوڪرين جي تعليم جا مسئلا“ تي ريسرچ اسٽڊي جي لانچنگ ڪئي وئي. جيڪا صوبائي محتسب اعليٰ سنڌ فائونڊيشن کان ڪرائي آهي. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته اها ريسرچ اسٽڊي حڪومت لاءِ رهنمائي جو سبب بڻجندي. ان ۾ گرلز ايجوڪيشن جا مسئلا ۽ انهن جو حل به ٻڌايو ويو آهي. هن چيو ته پ پ عورتن کي بااختيار بڻائڻ تي ڪم ڪيو آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومتي دور ۾ فرسٽ وومين بئنڪ اهم قدم هو. وومين پوليس اسٽيشن، عورتن کي زمين ڏيڻ، نوڪرين ۾ ڪوٽا مقرر ڪرڻ به اهم قدم هئا. اسان اسٽڊي جي سفارشن موجب گرلز ايجوڪيشن لاءِ وڌيڪ وسيلن جا انتظام ڪنداسين، ڪو معاشرو عورتن جي تعليم بنا ترقي نٿو ڪري سگهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو