مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ هاءِ ڪورٽ فائيو جي ٽيڪنالاجي بابت پي ٽي اي کان جواب طلب ڪري ورتو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ هاءِ ڪورٽ فائيو جي ٽيڪنالاجي جي صحت تي پوندڙ اثرن بابت پي ٽي اي کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 5 جي ٽيڪنالاجي تي پابندي لڳائڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت درخواست ڏيندڙ کان سوال ڪيو ته ٻڌايو 5 جي ٽيڪنالاجي ڪيئن صحت لاءِ خراب آهي؟ ڇا فائيو جي جو ڪنهن کي لائسنس ڏنو ويو آهي؟ درخواست ڏيندڙ ٻڌايو ته 5 جي ٽيڪنالاجي انساني صحت، ماحول ۽ آبهوا جي لاءِ نقصانڪار آهي ۽ 5 جي جو باقاعده لائسنس ڪنهن کي به جاري ناهي ٿيو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته پي ٽي اي اختياريون وضاحت ڏئي سگهنديون ته ڇا 5 جي جا خراب اثر پئجي سگهن ٿا. دنيا انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ اڳيان وڌي رهي آهي ۽ اسان پابندي لڳايون؟ اسان پي ٽي اي جي جواب کانپوءِ ئي ڪارروائي اڳيان وڌائينداسين. جنهن کانپوءِ عدالت فائيو جي ٽيڪنالاجي بابت پي ٽي اي اختيارين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو