مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ هاءِ ڪورٽ ارسا چيئرمين کي سنڌ کي حصي جو پاڻي فوري مهيا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ ۾ پاڻي جي چوري ۽ کوٽ تي پاڻي وزارت، ارسا ۽ آبپاشي کاتي کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آھن، سنڌ هاءِ ڪورٽ ارسا چيئرمين کي سنڌ جي حصي جو پاڻي فوري مهيا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ملڻ سبب فصل ۽ زرعي زمينون سُڪي رهيون آهن. ٻئي پاسي جانور توڙي ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ارسا پاڻي ورڇ ۾ سنڌ سان لڳاتار زيادتي ڪري رهيو آهي، سنڌ ۾ پاڻي چوري جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي استدعا ڪئي وئي آھي، عدالت ارسا کي ايندڙ ٻڌڻي تي پاڻي فراهمي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو